ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته هاڻي معافي جو وقت گذري ويو آهي، عمران خان کي ڏکيائين ۾ ڏسي رهيو آهيان. پنهنجي هڪ بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته عمران خان سان هاڻي ڪو به نه رهندو.عوامي سطح تي نه پر قيادت جي سطح تي پي ٽي آءِ ورهائجي وئي آهي ۽ عمران خان لاءِ معافي جو وقت گذري ويو آهي، مان کيس ڏک ۾ ڏسان ٿو.منظور وساڻ جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ نيون پارٽيون ٿينديون ڏسي رهيو آهيان، نئين پارٽين جي قيادت ٻيا ڪندا، جيڪي پي ٽي آءِ ڇڏي ق ليگ، پ پ، ن ليگ ۽ ڪجهه نيون پارٽيون شامل ڪندا.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪندو پر کيس وڃڻ نه ڏنو ويندو، ٿي سگهي ٿو عمران خان ڪجهه ڏينهن خاموش رهي.










