عمران خان جي سالگرهه پي ٽي آءِ پاران مختلف وڊيوز ذريعي خراج تحسين پيش

عمران خان جي سالگرهه پي ٽي آءِ پاران مختلف وڊيوز ذريعي خراج تحسين پيش

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان جو مقبول ترين سياستدان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڄ 70 ورهين جو ٿي ويو آهي.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سالگرهه جو ڏينهن گذريل ڏينهن کان سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي، پاڪستان سميت سڄي دنيا مان عمران خان کي سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون پيون وڃن.عمران خان کي 70 هين سالگرهه جي مبارڪباد ڏيڻ ۾ تمام خاص ۽ عام شخصيتون شامل آهن.ان موقعي تي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان عمران خان کي سندس پارٽي طرفان ڪيترن ئي وڊيوز ذريعي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي قائد کي 70 هين سالگرهه جي مبارڪباد ڏيندي لکيو آهي ته اسان جي قائد کي 70 هين سالگرهه مبارڪ جنهن جي جدوجهد، طاقت، همت ۽ عزم واقعي متاثر ڪندڙ آهن.ٻئي طرف سندس پارٽي جا اهم سياستدان عمران خان کي سالگرهه جي مبارڪباد ڏيڻ ۾ مصروف آهن.عمران خان جي 70 هين سالگرهه جي سلسلي ۾ جهانيان سميت سڄي ملڪ ۾ پي ٽي آءِ جا منظم ڪارڪن اڄ سالگرهه جون تقريبون منعقد ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو