خان جي دور ۾ بجلي 17 رپيا في يونٽ هئي، عمر ايوب

خان جي دور ۾ بجلي 17 رپيا في يونٽ هئي، عمر ايوب

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي دور ۾ بجلي 17 رپيا في يونٽ هئي. 70 سيڪڙو بجلي جا منصوبا درآمدي تيل تي لڳايا ويا.اسلام آباد ۾ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اڄ بجلي جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن، آءِ پي پيز سان غلط معاهدا ڪيا ويا.هن چيو ته مسلم ليگ (ن) لنڊن پلان تحت آئي، ملڪ جي معيشت نه هلي رهي آهي.عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ جو باني عمران خان چاهي ٿو ته عوام کي سستي بجلي ملي، هن وقت ڪيپيسي چارجز 2800 ارب رپين تائين پهچي ويا آهن.ان موقعي تي ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته پ پ ۽ (ن) ليگ توانائي بحران جو بنياد رکيو، هن الزام هنيو ته ايل اين جي فراڊ جو منصوبو پيپلز پارٽي رکيو.هن چيو ته ملڪ کي توانائي ۾ خود ڪفيل بڻائڻ بدران پنهنجا مفاد ڏنا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو