لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عدم پيشي تي نعيم پنجوٿا کي سڄي ملڪ جي عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جي ذميواري سونپي.سڄي ملڪ ۾ عدالتي ڪارروائي لاءِ تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پاور آف اٽارني جي ڪاپي ملي وئي آهي.پاور آف اٽارني ۾ عمران خان چيو آهي ته هو ذاتي مصروفيتن سبب سول ۽ فوجداري ڪيسن ۾ عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي. پي ٽي آءِ چيئرمين نعيم پنجوٿا کي سموريون درخواستون، اپيلون ۽ انٽرا ڪورٽ اپيلون سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ ۽ عدالتن ۾ داخل ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي.پاور آف اٽارني ۾ عمران خان چيو ته نعيم پنجوٿا کي به اختيار آهي ته هو منهنجي طرفان عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي.










