عمران خان جي جعلي درخواست سامهون آئي، هو بائيو ميٽرڪ لاءِ اچي: عدالت

عمران خان جي جعلي درخواست سامهون آئي، هو بائيو ميٽرڪ لاءِ اچي: عدالت

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي توشه خانه فيصلي خلاف داخل ڪيل ڪيس مان دهشتگردي جي شقن کي خارج ڪرڻ جي درخواست تي عمران خان کي بائيو ميٽرڪ لاءِ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري دهشتگردي ٽوڙ ڪيس ۾ عمران خان ۽ علي نواز اعواڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس محسن اختر ڪياني عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري کان پڇاڻو ڪيو ته هن ٽرائل ڪورٽ ۾ درخواست ڇو نه ڏني؟ توهان چاهيو ٿا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي پراسيڪيوٽر کي هدايت ڏئي؟ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي استفسار تي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته چالان اڃا پيش ناهي ٿيو، اسان پراسيڪيوٽر اينٽي ٽيررازم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني آهي، اسان چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب هي سيڪشن ختم ڪيو وڃي. عدالت عمران خان جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪنداسين؟ عدالت ٽرائل ڪورٽ کي درخواست سان لاڳاپيل قانون پڙهڻ جي هدايت ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ڇا پراسيڪيوٽر کي دهشتگردي جي سيڪشن هٽائڻ جو اختيار آهي؟ وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اهو پراسيڪيوٽر جو ڪم آهي ته اهو ڏسي ته دهشتگردي جي سيڪشن لاڳو ٿئي ٿي يا نه،عدالت پڇاڻو ڪيو ته جاچ دوران درخواست ڪيئن داخل ٿي؟ ڇا پراسيڪيوٽر درخواست تي ڪو حڪم ڏنو آهي؟ عدالت دهشتگردي ٽوڙ جي شق ختم ڪرڻ بابت عمران خان جي درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض برقرار رکيا،رجسٽرار جو اعتراض هو ته عمران خان بائيو ميٽرڪ نه ڪرايو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلندڙ ڪيس جا دستاويز به جڙيل نه آهن، ٽرائل ڪورٽ جي حوالي ڪرڻ کانسواءِ درخواست جي ٻڌڻي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ جسٽس محسن اختر ڪياني فيصلو ٻڌائيندي چيو ته عمران خان کي بائيو ميٽرڪ لاءِ پيش ٿيڻو آهي، گذريل ڏينهن به عمران خان جي جعلي درخواست سامهون آئي، هن درخواست تي يقين نٿو اچي سگهي، پهريان ان ڪيس ۾ لاڳاپيل عدالت مان ضمانت وٺون ۽ پوءِ اسان. ڏسنداسين ته حالتون ڪجهه به هجن، عمران خان کي پهريان بائيو ميٽرڪ ڪرائڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو