شيخوپوره (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ميمبرن اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، عدالت جي فيصلي خلاف اپيل ڪندس. شيخوپوره ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جي بيان ۾ اصل تنقيد نواز ۽ زرداري تي هئي، سندس بيان ۾ فوج کي نشانو نه هو.اسد عمر چيو ته عمران خان جي بيانن ۾ لفظن جي چونڊ هميشه بهتر ٿي سگهي ٿي. حڪمرانن جي ڪرپشن سبب دوست ملڪ پاڪستان جي مدد نه پيا ڪن.










