اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيليفونڪ رابطي ۾ مقبوضه ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. وزيراعظم هائوس مان جاري بيان مطابق عمران خان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ پروفيسرن جي آزادي انتهائي مثبت ۽ پاڪستان کي ان جي آزاد ٿيڻ جي خوشي آهي. آمريڪي صدر ان مثبت نتيجي ۾ سهولتڪاري لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ طالبان افغان حڪومت کان تبادلي جي معاهدي تحت جنوبي افغانستان ۾ 2016 ۾ قيد ڪيل 2 غير ملڪي پروفيسرن کي به آزاد ڪيو ويو هو. مقامي پوليس ذريعن مطابق آمريڪي يونيورسٽي جي ٻن پروفيسرن کي زابل صوبي جي ضلع نوبهار ۾ آزاد ڪيو ويو ۽ آزاد ڪيل ٻنهي ماڻهن کي آمريڪي هيليڪاپٽر ذريعي صوبي کان ٻاهر موڪليو ويو. عمران خان ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم پر امن ۽ مستحڪم افغانستان لاءِ افغان امن عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن ان گڏيل مقصد لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم صدر ٽرمپ کي مقبوضه ڪمشير جي صورتحال کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو 100 ڏينهن کان بند آهن. وزيراعظم آمريڪي صدر جي ڪمشير جي حوالي سان ڪوششون ۽ ثالثي جي پيشڪش کي ساراهيو ۽ ان سان گڏ مقبوضه ڪمشير مسئلي کي پر امن طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي زور پڻ ڀريو. ٻنهي اڳواڻن واشنگٽن ۽ نيويارڪ ۾ ٿيندڙ ڳالهين کي ياد ڪندي ٻه طرفه تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ مستل رابطي ۾ رهڻ تي به اتفاق ڪيو. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ کان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان ان پيشرفت کي اميد طور ڏسون پيا ته 40 سالن کان جاري خوفناڪ ۽ ۽ مهانگي افغان جنگ جلد سياسي حل ذريعي انجام تائين پهچندي. وائيٽ هائوس کان جاري بيان ۾ ڊپٽي پريس سيڪريٽري جيوڊ ڊير چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم پاڪستان عمران خان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي جنهن ۾ صدر ٽرمپ آمريڪي مغوي ڪيون ڪنگ ۽ آسٽريلوي مغوي ٽيموٿي ويڪس جي بازيابي لاءِ پاڪستان جي تعاون تي وزيراعظم عمران خان جو شڪريو ادا ڪيو. وائيٽ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر ٽرمپ کي اميد آهي ته اها مثبت پيش رفت افغانستان ۾ امن عمل ۾ وڌيڪ ڪردار ادا ڪندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ آمريڪا تجارتي تعلقات مضبوط ڪرڻ جو واعدو ڪيو جيڪي هلندڙ سال نئون رڪارڊ ٺاهڻ لاءِ تيار آهن. ان سان گڏوگڏ سرمائيڪاري ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ تعلقات مضبوط ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو.










