عمران خان جو لانگ مارچ شارٽ مارچ بڻجي ويو آهي: احسن اقبال

عمران خان جو لانگ مارچ شارٽ مارچ بڻجي ويو آهي: احسن اقبال

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال پاڪستان تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ کي ناڪام مارچ قرار ڏئي ڇڏيو.پنهنجي هڪ بيان ۾ احسن اقبال چيو ته لاهور کانپوءِ ٻين شهرن به عمران خان جي لانگ مارچ کي رد ڪري ڇڏيو، عمران خان جو لانگ مارچ شارٽ مارچ بڻجي ويو آهي.وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڪيترن ئي ڪلاڪن جي دير کانپوءِ لانگ مارچ چند ميلن تائين به نه هلي سگهيو، جيڪڏهن ماڻهو گڏ نه هجن ته اهڙي ناڪامي آهي، لانگ مارچ دوران ڇڪتاڻ سندن مايوسي ظاهر ڪري ٿي.ٻئي طرف سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جڏهن لانگ ڊرائيو تان ماڻهو واپس آيا ته فتنا ٻيهر ڀڄي ويو، عمران خان هٿيارن سان انقلاب آڻڻ ۽ لاش اڇلائڻ جو گھنائونا منصوبا جوڙي رهيو آهي، جنهن کي عوام کان بچائڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو