خان جي 9 ڪيسن ۾ عبوري حفاظتي ضمانت منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي لاهور ۽ اسلام آباد ۾ داخل دهشتگردي جي ڪلازن سميت، ڊيوٽي اٽڪاءَ، پوليس تي حملن، سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ سميت مختلف الزامن هيٺ داخل 9 ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ 24 مارچ تائين کيس گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. عمران خان تي 4 ڪيس لاهور ۽ 5 ڪيس اسلام آباد م داخل ڪيل آهن. جسٽس طارق سليم شيخ ۽ جسٽس فاروق حيدر تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ دهشتگردي ٽوڙ ڪيسن ۾ عمران خان جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. هو عدالتي وقت خرتم ٿين بعد به عدالت ۾ انٽطار ڪندا رهيا، ساڍي چئين وڳي عمران کي پيش ٿيڻ جو چيو ويو پر پي ايس ايل جي روٽ سبب دير ٿي ۽ خان وري ساڍي پنجين وڳي پيش ٿين لاءِ چيو ويو، هو ڪارڪنن جي قافلي سان پوڻي ڇهين وڳي کان به ليٽ پهتو، عدالت سندس گاڏي عدالتي احاطي اندر آنڻ جي کيس اجازت به ڏني. هن بينچ جي فيصلي کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سندس گرفتاري وارنٽ معطل ڪرن جو حڪم جاري ڪري چڪي هئي. عمران خان جي وڪيل لاهور هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ 5 ۽ لاهور ۾ 4 ڪيس داخل آهن، عمران خان لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو پر ڪجهه ڪيسن جا تفصيل اسان وٽ ناهن.جسٽس طارق سليم شيخ رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان رڳو اهي ڪيس ڏسنداسين جن جون درخواستون آهن، اسان توهان کي خالي ضمانت نٿا ڏئي سگهون.عمران خان عدالت ۾ بيان ڏنو ته ايترا ڪيس آهن، سمجهه ۾ نٿو اچي، هڪ ڪيس ۾ ضمانت وٺان، ٻئي ڪيس ۾ منهنجي گهر تي اهڙو حملو ٿيو جهڙو اڳ ڪڏهن به نه ٿيو، جنهن تي جسٽس طارق سليم شيخ چيو. ته جيڪڏھن توھان سسٽم ڪريو جيڪڏھن اھو ٺيڪ آھي سان وڃڻ لاءِ، توھان کي پنھنجي شين کي نظرثاني ڪرڻ گھرجي.عمران خان چيو ته مون کي عدالت ۾ سڪيورٽي سبب عدالت منتقل ڪرڻ جو چيو، اهو موت جو ڦڙو آهي، مون چيو ته مناسب سڪيورٽي ڏيو، جنهن تي جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته خان صاحب، ان ڪيس ۾ توهان سان بدتميزي ڪئي وئي آهي.عمران خان جي وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته چيئرمين پي ٽي اي خلاف هن وقت تائين 94 ڪيس داخل ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن 6 وڌيڪ ڪيس هليا ته اها هڪ صدي هوندي، اها نان ڪرڪيٽ جي صدي هوندي. 2 رڪني بينچ عمران خان جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ داخل ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي.لاهور هاءِ ڪورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي 8 ڪيسن ۾ عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي، عمران خان جي حفاظتي ضمانت 24 مارچ تائين منظور ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو