اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي پراسيڪيوٽر جي درخواست رد ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ عمران خان پاران عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عمران خان جو وڪيل نعيم پنجوٿا ۽ پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عدالت ۾ پيش ٿيا.عمران خان طرفان طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن ۾ سندس وڪيل دليل ڏيندي چيو ته عمران خان جي صحت اسلام آباد اچڻ جي اجازت نٿي ڏئي، ڊاڪٽرن کيس آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.پراسيڪيوٽر عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي اعتراض واريندي چيو ته عمران خان پنهنجي ئي اسپتال جي ميڊيڪل رپورٽ اٽيچ ڪرڻ کانپوءِ پيش نه ٿي رهيو آهي، شوڪت خانم اسپتال ڪينسر جي اسپتال آهي، عمران خان جو مسئلو مختلف آهي، عمران خان جي فريڪچر جو سبب آهي. رڳو سوزش آهي، عدالت عمران خان کي ڏاڪڻين تي اچڻ لاءِ نه چيو، هو عدالت کان ٻاهر آيو، سندس حاضري ٿي سگهي ٿي.پراسيڪيوٽر چيو ته عمران خان جا ضمانتي مچلڪا رد ڪري گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن.پراسيڪيوٽر عمران خان جي اڄ جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جي به مخالفت ڪئي، جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪندي پراسيڪيوٽر جي درخواست رد ڪندي ڪجهه دير بعد فيصلو ٻڌايو.عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










