عمران خان جا تماشا بند ٿيڻ جو وقت شروع ٿي چڪو آهي: مريم اورنگزيب

عمران خان جا تماشا بند ٿيڻ جو وقت شروع ٿي چڪو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) چيئرمين عمران خان جا تماشا بند ٿيڻ جو وقت شروع ٿي چڪو آهي.وفاقي وزير چيو ته 4 سالن کان عمران خان ملڪ ۽ قوم کي تماشو بنائي ڇڏيو آهي پر هاڻ هو پاڻ تماشا بڻجي چڪو آهي پر هاڻ عمران خان جا تماشا بي نقاب ٿي چڪا آهن.هن چيو ته عمران خان 4 سالن کان الزامن ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جو تماشو لڳائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته عمران خان عوام جي روزگار ۽ مهانگائي تي به تماشو لڳائي ڇڏيو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته 4 سالن کان ملڪ ۾ نه صرف تماشا لڳايا آهن پر ذاتي سياست تي قومي مفاد قربان ڪرڻ جا به هن تماشا لڳايا آهن. هن چيو ته شريف ماڻهن جون پڳڙيون اڇلائڻ جا تماشا ڪيا ويا پر هاڻ عمران خان جا تماشا بند ٿيڻ جو وقت شروع ٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو