اسلام آباد)بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ٻن هفتن لاءِ ضمانت منظور ڪري ورتي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي پيشي سبب عدالت جي چوڌاري سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو پويون دروازو سيل ڪيو ويو ۽ ٻن دروازن تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا.تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان عدالت ۾ پيشي لاءِ پوليس لائنز گيسٽ هائوس روانو ٿي ويو ۽ ڊي آءِ جي آپريشنز سندس قافلي جي سيڪيورٽي جا انتظام سنڀالي رهيا هئا. عدالت پهچڻ بعد عمران خان ڊسٽرڪٽ برانچ ويو جتي سندس بائيو ميٽرڪ ڪئي وئي. عمران خان جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي پي ٽي آءِ ڪارڪن عدالت جي چوڌاري گڏ ٿي ويا ۽ پوليس کي منتشر ڪري ڇڏيو.










