عمران حڪومت سياسي انتقام کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو: مريم نواز

عمران حڪومت سياسي انتقام کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو: مريم نواز

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي ۽ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته گذريل حڪومت سياسي انتقام ۽ ذاتي مفاد کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. مري ۾ مسلم ليگ ن جي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان جي معيشت هن وقت بيهجي وئي آهي، عمران خان پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي هٿن ۾ ڏنو.هن چيو ته ڪالهه جڏهن شهباز شريف سان ملاقات ٿي ته معلوم ٿيو ته هن وقت ملڪ جي اصل صورتحال ڇا آهي. ن ليگ جي نائب صدر وڌيڪ چيو ته عمران خان پنهنجي بيوقوفي ذريعي سمورن دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪري سڀني کي ناراض ڪيو.هن چيو ته اسان جي دور ۾ ترڪي پاران شروع ڪيل منصوبا پي ٽي آءِ جي حڪومت خراب ڪري ڇڏيا، وزيراعظم پنهنجي نااهلي سبب التوا ۾ پيل منصوبن کي ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ ترڪي ويو آهي.هن چيو ته هي ماڻهو جهاد نه پر فساد ڪري رهيا آهن ۽ ان فساد کي روڪڻ اصل جهاد آهي، عمران خان پنهنجي انٽرويو ۾ اعتراف ڪيو آهي ته وٽس هٿيار هئا. مسلم ليگ ن جي نائب صدر چيو ته لانگ مارچ کان اڳ راڻا ثناءُ الله به چوندو هو ته هي ماڻهو هٿياربند آهن، هن وٽ اهو چوڻ ۾ ڪو به جواز ناهي ته اسان جو احتجاج پرامن آهي. هن چيو ته اسان ڪيتريون احتجاج ڪيا ، ڇا اسان وٽ ڪو هٿيار نظر آيو؟ اسان جو مقصد فتنو، شر ۽ فساد پکيڙڻ نه آهي، سندن تحريڪ پرتشدد تحريڪ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. مريم نواز چيو ته خيبرپختونخواهه جي غيرتمند ماڻهن عمران خان جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، مان پڇان ٿي ته هڪ شخص پنهنجي ڪرسي خاطر صوبي جي معصوم ٻارن کي ڇو ماريو؟هن چيو ته سندس ٻار جهاد جي فرنٽ لائين ۾ ڇو نٿا بيٺا؟ اها سازش آهي ته جيڪڏهن اقتدار ۾ نه رهيس ته هر طرف باهه لڳائي ڇڏيندس. مسلم ليگ ن جي نائب صدر چيو ته عمران خان ۽ دهشتگرد ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ مان پڇان ٿو ته ڇا اهڙي دهشتگرد کي عام موڪل ڏني وڃي؟ پاڪستان جي عوام توهان جي خلاف ڪرپشن خلاف مهم شروع ڪندي.هن چيو ته هٿياربند تحريڪ جو سربراهه عمران خان آهي، جنهن منهن تي سياسي نقاب اوڍيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو