علي محمد خان تي حملو:پوليس جي بدلجندڙ بيانن قصو مشڪوڪ ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزيرعلي محمد خان مهر جو نجي اسپتال ۾ علاج جاري آهي ۽ سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي. سندس زخمي ٿيڻ واري خبر بابت پوليس جي بدلجندڙ بيانن معاملي کي مشڪوڪ ڪري ڇڏيوآهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪراچي ۾ مبينا ڦر۽ مزاحمت دوران جي ڊي اي اڳواڻ علي محمد خان مهر زخمي ٿيو. اڳ ۾ پوليس ٻڌايوته ڦورن مزاحمت دوران علي محمد مهر کي مٿي تي پستول جا بٽ هنيا هئا. ڊفينس جي گزري لڳ واري علائقي ۾ ڦر ۽ مزاحمت جي ڳالهه بابت جڏهن سوال ڪيا ويا ته ٻه هزار گز جي بنگلي ۾ رهندڙ وفاقي وزير، جنهن کي سرڪاري پروٽوڪول کانسواءِ ذاتي محافظن ۽ ملازمن جو به هڪ جٿو گڏ هوندو آحي ته ڦورو ڪيئن آيا؟ جنهن بعد هڪ اعليٰ پوليس آفيسر پير محمد شاهه ميڊيا کي ٻڌايو ته هو پستول جي بٽ نه پر پلنگ جي ڪنڊ لڳڻ سبب زخمي ٿيو! سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيل تصويرن ۾ سندس صورتحال مختلف نظر آئي ۽ اها به ڳالهه سامهون آئي ته رات دير تائين هلندڙ “شاندارڊانس پارٽي” ۾ ڪجهه مهمانن جي جهيڙي جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿيو. چيو پيو وڃي ته پوليس شروعاتي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي. پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته علي محمد مهر جي گهر 6 هٿياربند داخل ٿيا ۽ ملازمن مراد ۽ ياسين جي باري ۾ پُڇيو، ان کانپوءِ ڦورن پستول جا بٽ هڻي علي محمد مهر کي زخمي ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار رڪشا تي گهر پهتا هئا. ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ ڪليم امام واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سائوٿ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته گورنر سنڌ عمران اسماعيل به واقعي جي مذمت ڪئي آهي. پوليس جا بدلجندڙ بيان معاملي کي مشڪوڪ ڪري بڻائي رهيا آهن. علي محمد خان مهر معاملي کي وڌائڻ نٿو چاهي پر هن واقعي ۾ دلچسپي رکندڙن کي پوليس بيانن تي يقين نٿو اچي ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪجهه ڇرڪائيندڙ انڪشافن جي توقع آهي، ڇو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي!

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو