علي سيٺي جي ميوزڪ فيسٽيول ڪوچيلا ۾ ڊيبيو پرفارمنس

علي سيٺي جي ميوزڪ فيسٽيول ڪوچيلا ۾ ڊيبيو پرفارمنس

ڪوچيلا (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڳائڻي علي سيٺي دنيا جي سڀ کان وڏي ميوزڪ فيسٽيول ڪوچيلا ۾ پنهنجي ڊيبيو پرفارمنس ڏئي تاريخ رقم ڪري ڇڏي.علي سيٺي پاڪستان جي پهرين ڳائڻي آهي جنهن آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ منعقد ڪوچيلا انٽرنيشنل ميوزڪ فيسٽيول ۾ پرفارم ڪيو ۽ هن پنهنجي لاجواب ڳائڻ سان حاضرين کي مايوس نه ڪيو.علي سيٺي ڀارتي فنڪار راجا ڪماري سان گڏ پنهنجي مشهور گاني ”پسوري“ تي پرفارمنس ڏني، جنهن کي مداحن پسند ڪيو.فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي ڳائڻي تقريب جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون، جن جي تبصرن ۾ فلم ۽ ٿيٽر جي ڊائريڪٽر ميرا نيئر، شرمين عبيد چنائي ۽ عدنان ملڪ دل جي ايموجيز ذريعي پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو.ڪوچيلا فيسٽيول هڪ مشهور بين الاقوامي تقريب آهي ۽ ان ۾ ڏکڻ ايشيائي فنڪارن کي شامل ڪيو ويندو آهي ته جيئن موسيقي جي دائري کي وڌيڪ وڌايو وڃي.گذريل سال آمريڪي ڄائي پاڪستاني ڳائڻي عروج آفتاب به هن فيسٽيول ۾ پرفارم ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو