پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور صوبي ۾ شاگرد يونين بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو آهي ته شاگرد اسان جي ملڪ جو حصو آهن، هن ملڪ جي سڃاڻپ نوجوانن سان آهي.هن چيو ته نوجوان اسان جي ملڪ جو اثاثو آهن، اسان نوجوانن جي ڀلائي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته اسان کي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻا آهن، ان لاءِ حقيقي آزادي ضروري آهي، اسان پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي چاهيون ٿا.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته مون کي خوشي آهي ته اوهان عوام ۾ آهيو، اوهان نوجوان هر شعبي ۾ هلڻ جي ذميواري کڻندا.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته اسان جو ملڪ قرض ۾ ٻڏي ويو آهي، هو تمام جلد صوبي ۾ سيڙپڪاري بحال ڪندا، کين محنت ڪرڻ گهرجي ڇو ته محنت جو متبادل ناهي.










