لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته صدر عارف علوي وزيراعظم عمران خان جو غلام بڻجي ايوان صدر کي بدنام ڪيو آهي. پيراگون هائوسنگ سوسائٽي ريفرنس ۾ نيب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي قانون سازي جو مقصد مخالف ڌر کي منتشر ڪرڻ آهي. هن چيو ته آرڊيننس تي عمل ڪرڻ وارو ڪارخانو ڊهي پيو، آئين ڪجهه حالتن ۾ آرڊيننس جاري ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو پر عارف علوي عمران خان جو غلام بڻجي صدارت جي عهدي کي بدنام ڪيو آهي. ريلوي جي موجوده صورتحال تي ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته شيخ رشيد هڪ ڊڪٽيٽر آهي، هن ريلوي ۾ داخل ٿيندي ئي تباهي مچائي ڇڏي، جڏهن ته اعظم سواتي کي ريلوي جي الف بي جي به خبر ناهي، سٺن ماڻهن کي موقعو نه پيو ڏنو وڃي.










