علما اتحاد جو ميمبر مولانا عبدالقيوم قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي گلستان جوهر بلاڪ 9 ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ مسجد جو خطيب مارجي ويو.پوليس موجب فائرنگ ۾ مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ مولانا عبدالقيوم صوفي طور ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مولانا عبدالقيوم صوفي پاڪستان علماءِ ايسوسيئيشن جو ميمبر هو، مقتول جامع مسجد محمديه نوراني اسلامڪ سينٽر گلستان جوهر جو مهتمم پڻ هو.پوليس موجب مقتول نمازي کانپوءِ گهر وڃي رهيو هو ته موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻن کيس نشانو بڻايو.

پهنجو تبصرو موڪليو