غزا ۾ جنگ فوري بند ڪريو، عرب اسلامي ڪانفرنس جي اڳواڻن جومطالبو

غزا ۾ جنگ فوري بند ڪريو، عرب اسلامي ڪانفرنس جي اڳواڻن جومطالبو

رياض (ويب ڊيسڪ)عرب اسلامي سربراهي اجلاس اڄ سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ جاري آهي، سعودي شهزادي خطاب ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. ڪانفرنس ۾ فلسطين ۽ لبنان سميت خطي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، اسلامن ملڪن جا اڳواڻ وچ اوڀر جي صورتحال تي تجويزون پيش ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف عرب اسلامڪ سمٽ ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب پهچي ويو آهي.رائل ايئرپورٽ ٽرمينل تي رياض جي ڊپٽي گورنر شهزادي محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز، سعودي عرب ۾ مقرر پاڪستاني سفير سميت ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. سمٽ جي سائيڊ لائين تي وزيراعظم شهباز شريف جي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو