عراق ۾ شادي جي تقريب باهه، 113 ڄڻا سڙي فوت

بغداد: (ويب ڊيسڪ) عراق جي صوبي نينوا ۾ شادي جي هڪ تقريب دوران شادي هال ۾ باهه لڳڻ سبب گهوٽ ڪنوار سميت 113 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب همدانيه شهر جي هڪ شادي هال ۾ تقريب جاري هئي ته اوچتو باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ وقت هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا. عراق جي دفاع واري وزارت چيو آهي ته شروعاتي جاچ موجب باهه آتشبازي دوران لڳي. شادي هال قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي انتهائي خطرناڪ بارودي مواد سان سجايو ويو هو. واقعي ۾ ساڍا چار سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. هينئر تائين گهوٽ ڪنوار سميت 113 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.واقعي جي جاچ جاري آهي، فوتگين ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته شادي هال جي ويجهي واري علائقي کي عوام جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي.عراق جي مقامي ڊپٽي گورنر حادثي ۾ 113 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته حادثي واري جڳهه تي امدادي سرگرميون جاري آهن جڏهن ته زخمين کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال روانو ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو