عراق کان پاڪستان لاءِ سڌيون اڏامون ٻيهر بحال

عراق کان پاڪستان لاءِ سڌيون اڏامون ٻيهر بحال

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي حملن جي 86 ڏينهن کانپوءِ عراق مان پاڪستان لاءِ سڌين اڏامن جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو بغداد کان عراق ائير جي پهرين اڏام آءِ اي 409 (IA-409) اڄ صبح 4 ٻجهي 53 منٽن تي پهچي ڪراچي لينڊ ڪيو، اهڙي ريت ڪراچي کان عراق ائير جي اڏام آءِ اي 410 (IA-410) صبح 7 ٻجهي 14 منٽن تي بغداد لاءِ رواني ٿي. هن روٽ تي آخري پرواز 28 فيبروري تي بغداد کان سڌو ڪراچي آئي هئي جڏهن ته آءِ اي 409 آخري ڀيرو 15 فيبروري تي ڪراچي جو سفر ڪيو هو، اهي پروازون 2 ۽ 3 مئي تي به شيڊول جو حصو هيون پر کين رد ڪيو ويو هو.عراق ائير پاران جلد ئي بغداد کان اسلام آباد لاءِ به پروازون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو