عدنان صديقي جي ڪنگ چارلس سان ناقابل فراموش ملاقات

عدنان صديقي جي ڪنگ چارلس سان ناقابل فراموش ملاقات

لنڊن (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل مشهور سينيئر اداڪار عدنان صديقي کي برطانوي بادشاهه چارلس III سان ملاقات جو موقعو مليو.هن بڪنگهم پيلس ۾ هن مختصر مگر ناقابل فراموش ملاقات جي ڪهاڻي سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي مداحن سان شيئر ڪئي.فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي ورسٽائل اداڪار ڪجهه مختلف تصويرون شيئر ڪيون، جن ۾ کيس ۽ ڪنگ چارلس III کي خوشيءَ سان چيٽنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.سوشل ميڊيا تي پوسٽ شيئر ڪندي عدنان صديقي ڪيپشن ۾ لکيو ته اسان جي ڳالهه ٻولهه مختصر هئي پر متحرڪ هئي، ڄڻ ته مختلف دنيان جي ملاقات ٿي رهي هجي.هن لکيو ته بادشاهه چارلس III ۾ ماڻهن کي پرسڪون رکڻ جي هڪ منفرد صلاحيت هئي، جنهن هڪ دائمي تاثر ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو