اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪنهن کي اقتدار جو شوق آهي ته اچي ۽ شوق پورو ڪري ۽ معاملا سنڀالي. اهڙو اظهار هن قومي اسمبلي اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مولا چاهيو ته سئو سيڪڙو پر اميد آهيان ته عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿيندي. اسان وٽ نمبر پورو آهي.










