اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مخالف ڌر جي پارٽين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گڏيل درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ جي خلاف ووٽ ڏيندڙ پارليامينٽ ميمبرن کي محفوظ رستو فراهم ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي. مسلم ليگ ن جي سينيٽر اعظم عطا تارڙ چيو آهي ته مسلم ليگ ن، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جميعت علماءِ اسلام اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندا. گڏيل اپوزيشن جي وڪيلن جي قانوني ٽيم ۾ سينيٽر تارڙ، فاروق ايڇ نائيڪ ۽ ڪامران مرتضيٰ ان جي پيروي ڪندا.










