عدم اعتماد آچر تي ڪامياب ٿيندي، حج بعد چونڊ ڪرايو

عدم اعتماد آچر تي ڪامياب ٿيندي، حج بعد چونڊ ڪرايو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هو ذميوارن کي واضح چوي ٿو ته ملڪ ۾ حج کان پوءِ چونڊون ڪرايون وڃن. راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته هو سياست تان رٽائر ٿيڻ چاهيم پئي پر عمران خان کي اڪيلو نٿو ڇڏي سگهان. هن چيو ته جيڪي ماڻهو وڪرو ڪيا ويا آهن ۽ پئسي سان طوائف الملوڪيون ڪيون آهن اهي اليڪشن ۾ اچن ۽ پنهنجي عوام جي سامهون اچن ته جيئن علائقي جو عوام چونڊن ۾ کين رد ڪري ايماندار ماڻهن کي سامهون آڻين. گهرو وزير چيو ته آچر تي عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيندي پر هو انهن مردارن هٿان شڪست قبول نه ڪندو، وزيراعظم شڪست ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. شيخ رشيد چيو ته ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن جي ضرورت آهي، هن چيو ته مان ملڪ جي ذميوارن کي چوان ٿو ته رمضان کانپوءِ چونڊون ڪرايون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو