عدليه کي پنهنجي اجتماعي عقل مطابق ڪم ڪرڻ گهرجي: ايڇ آر سي پي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) ملڪ ۾ سياسي بحران تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.چيئرمين ايڇ آر سي پي حناجيلاني ٻين عهديدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ سياسي بحران جو شڪار آهي، قيادت ۽ پوليٽيڪل آرڊر نظر نه ٿو اچي، سپريم ڪورٽ جا خدشا بي بنياد ناهن، ٻن ڌرين جي تڪراري فيصلي سبب ڪيترائي بحث مباحثا ٿيا. سپريم ڪورٽ جي ججن جا مطالبا سامهون اچي سگهن ٿا.هن چيو ته ادارا بحرانن کي منهن نه ڏئي سگهيا آهن، سياسي ڏاهپ ۽ قيادت جو بحران آهي.عدليه کي گهرجي ته پنهنجي اجتماعي عقل مطابق ڪم ڪري، سچ کي سامهون آڻي، انهن تي بحث ڪري، فل بينچ ٺاهڻ ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟ هن چيو ته ٻنهي اسيمبلين کي ٽوڙڻ پٺيان ڪو ايجنڊا آهي. جيڪڏهن اپوزيشن غير ذميوار آهي ته حڪومت انتقامي ڪارروائي ۾ پوئتي ناهي.حبانا جيلاني چيو ته ايڇ آر سي پي ثالث جو ڪردار ادا نه ڪندي، سياستدان پاڻ بحران حل ڪن، چونڊون باقاعده ٿيڻ گهرجن، چونڊون 30 اپريل تي ٿيڻ گهرجن.جيڪڏهن اهو 8 آڪٽوبر تي ٿيڻو آهي ته ان لاءِ ڪو معاهدو ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو