عدت دوران نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي بغير ڪارروائي جي ملتوي

عدت دوران نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي بغير ڪارروائي جي ملتوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عدت جي موقعي تي نڪاح جي الزام تي عمران خان ۽ بشرا بي بي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي بغير ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ عمران خان ۽ بشري بي بي جي نڪاح جي الزام واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اهم شاهد مفتي سعيد احمد جو عمري تي روانگي سبب اڄ بيان رڪارڊ نه ڪرايو ويو.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته شاهد مفتي سعيد عمري تي ويو آهي، تنهن ڪري عدالت مستقبل جي تاريخ مقرر ڪري.عدالت عمران خان ۽ بشيرا بي بي خلاف داخل ذاتي شڪايت تي ٻڌڻي 28 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو