اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله هڪ ايف سي اهلڪار جي موت جي سزا خلاف اپيل تي اقليتي فيصلو جاري ڪيو آهي جنهن تربت ۾ هڪ نوجوان کي سندس والدين جي سامهون گولي هڻي قتل ڪيو هو،عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته عدالت کان مٿانھون قتل آئين ۽ بنيادي حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي، سپريم ڪورٽ حراستي ۾ عدالت کان مٿانھين قتل کي فساد في الارض قرار ڏنو آھي، ايف سي اهلڪار جو ڏوهه بزدلانه، وحشيانه ۽ عوامي ضمير لاءِ صدمو آهي، جيڪڏهن ڪو قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار ڪنهن شهري جو قاتل بڻجي وڃي ته سخت ترين سزا ضروري آهي.سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله پنهنجي اقليتي فيصلي ۾ فيصلو ڏنو آهي ته يونيورسٽي جي شاگرد حيات کي ايف سي اهلڪار حراست ۾ قتل ڪيو، نوجوان کي تربت ۾ سندس وارن کان ڇڪي سندس والدين جي سامهون گولي هڻي قتل ڪيو ويو، ملزم شادي الله حڪومت جي پاران ڏنل بندوق سان متاثر شخص کي پٺيءَ ۾ 8 گوليون هنيون،فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته والدين جون دانھون ٻڌڻ جي باوجود فائرنگ جاري رهي، سپريم ڪورٽ عدالت کان مٿانھين قتل کي فساد في الارض قرار ڏنو آهي، ٽرائل ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي موت جي سزا جي فيصلي کي برقرار رکيو ويو آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ايف سي آفيسر جو ڏوهه بزدلانه، وحشيانه ۽ عوامي ضمير جنجھوڙيندڙ آهي، جيڪڏهن ڪو قانون لاڳو ڪندڙ آفيسر ڪنهن شهري کي قتل ڪري ٿو ته سخت ترين سزا ضروري آهي. ايف سي جي ذميواري عوام جي حفاظت ڪرڻ آهي، نه ته شهرين تي فائرنگ ڪرڻ آھي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار جو اهو عذر ته هو ڌماڪي ۾ پنهنجن ساٿين جي زخمي ٿيڻ تي ناراض هو، اھو قابل قبول ناهي، اهڙن واقعن ۾ نرمي يا همدردي سماج ۾ لاقانونيت کي وڌائي ٿي، عدالت کان مٿانھين قتل آئين ۽ بنيادي حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ملزم جي اعترافي بيان ۽ فارنزڪ ثبوتن مان ڏوهه ثابت ٿيو، اهڙا مجرم سماج ۽ ادارن ٻنهي لاءِ خطرو آهن، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ملزم شادي الله 2020 ۾ حيات نالي هڪ نوجوان کي حراست ۾ وٺڻ کان پوءِ گوليون ھنيون، جڏهن ايف سي جي قافلي تي آئي اي ڊي حملو ڪيو ويو ته مقتول حيات پنهنجي والدين کي کاڌو ڏيڻ لاءِ زمينن ڏانهن وڃي رهيو هو، ڌماڪي جي آواز ٻڌڻ کان پوءِ ڀڄندي هڪ ايف سي اهلڪار حيات کي حراست ۾ ورتو ۽ ماري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جي ٽن ميمبرن تي ٻڌل بينچ ٻن ۽ هڪ جي اڪثريتي فيصلي ۾ مجرم جي موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو، جسٽس اطهر من الله اقليتي فيصلو جاري ڪيو.










