عدالت ڄام صادق پل جي پرانو ڍانچو ڊاهڻ کان روڪي ڇڏيو

عدالت ڄام صادق پل جي پرانو ڍانچو ڊاهڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڄام صادق پل جي تعمير دوران ڪي اليڪٽرڪ جي انفرا اسٽرڪچر کي تحفظ ڏيندي پراڻين تعميرات کي ڊاهڻ کان روڪي ڇڏيو.
ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪانٽريڪٽر وچ ۾ ادائگي جو تڪرار ٻيهر عدالت ۾ پهچي ويو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ ييلو لائين تي نئين ڄام صادق پل جي تعمير دوران ڪي اليڪٽرڪ جي انفرااسٽرڪچر جي منتقلي بابت تڪرار تي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته ڪنهن به منصوبي جي تعمير کان اڳ يوٽيلٽي انفرااسٽرڪچر منتقل ڪيو ويندو آهي. ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪانٽريڪٽر وچ ۾ انفرااسٽرڪچر جي منتقلي لاءِ معاهدو طئي ٿيو هو، تعمير دوران ڪي اليڪٽرڪ جا پول متاثر ٿيا جنهن سبب مهراڻ ٽائون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٽن ڏينهن تائين بجلي معطل رهي.
ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل ٻڌايو ته ڪانٽريڪٽر طرفان ڏنل چيڪ به بائونس ٿي ويا آهن. پراڻين تعميرات کي ڊاهڻ دوران ڪي اليڪٽرڪ جي انفرااسٽرڪچر کي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي، ۽ جيڪڏهن نقصان ٿيو ته انڊسٽريل ايريا ۽ ٻيا علائقا متاثر ٿيندا.
عدالت، ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل جي دليلن تي ڊي جي ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو