نوشهروفيروز(ن س) دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بلاول زرداري قتل ۽ اميناڻي ٿاڻي تي پوليس حملي ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿيون اين پي پي سربراھ غلام مرتضي جتوئي، مسرور جتوئي ۽ ٻيا پيش ٿيا وڪيلن جي دليلن بعد ٻڌڻي 30 سيپٽمبر تائين ملتو اين پي پي سربراھ غلام مرتضي خان جتوئي جون ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته راشد محمود سومرو جو ٿورائتو آھيان، جنھن پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني. مون کي ان قابل سمجھيو. جي يو آئي منظم پارٽي آھي. مون نظرياتي سياست ڪئي آھي اھئا سياست ڪئي آھي جنھن ۾ ڪنھن سان زيادتي نه ٿئي نه رشوت جي بازار گرم نه ٿئي اسان جا ۽ جي يو آئي جا ڪجھ نظريا ملن ٿا.اسان جي پنھنجي پارٽي ۽ منشور آھي ۽ انھن جي پنھنجي پارٽي ۽ منشور آھي فاطمه ۽ جونيئر ذوالفقار پارٽي جا وارث آھن سنڌ ۾ 6 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ کانپوءِ ڪچو ٻڏي ويندو آھي ۽ 7 لکن کانپوءِ بندن کي خطرو ٿيندو آهي










