لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي ڏنل مهلت ختم ٿي وئي.گذريل ڏينهن عدالت عمران خان جي گرفتاري لاءِ پوليس آپريشن کي اڄ صبح 10 وڳي تائين روڪڻ جو حڪم ڏنو هو.عدالت پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار نه ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي پوليس کي مال روڊ، ڪئنال پل، ڌرمپور پل ۽ ٿاڻي روڊ کان 500 ميٽر پوئتي رهڻ جو حڪم ڏنو. 5 ضلعن مان پوليس ۽ رينجرز جون 7 ڪمپنيون زمان پارڪ ڀرسان الرٽ آهن ۽ وڌيڪ هدايتن جو انتظار ڪري رهيون آهن.










