نئون ڪوٽ (رپورٽ پيارعلي نھڙيو ) نئون ڪوٽ ويجهو پوليس جي عدالتي حڪم تي ڪارروائي ناحق باندي بڻايل 26 هاري بازياب نئونڪوٽ پوليس سيشن ڪورٽ ميرپورخاص جي حڪم تيسيٺ پارو مل ڪولهي جي نجي جيل تي ڇاپو هڻي 17 ٻار 5 مرد 4 عورتن سميت 26 هاري بازياب ڪرائي ورتا بازياب ٿيلن ۾ميگهو سومار راضو کيرو هوٿي ڀاني لڇمي ميني شانتي ۽ ٻيا شامل آهن بازياب ٿيلن کي نئون ڪوٽ پوليس ٿاڻي تي آندو جنهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو فريادي هيرو ڪولهي ٻڌايو ته زميندار اسانکي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪا شئي نه ڏيندو هو نه ئي اسانجي مزدوري ڏيندو هو جنهن ڪري اسان بکن ۾ پاه ٿي اهڙو قدم کنيو، هوڏانهن زميندار پارو ڪولهي ٻڌايو ته ڄاڻايل ماڻهو مون وٽ هارپو ڪندا هئا ست لک رپيا منهنجو قرض هنن تي هو جيڪو برساتن ۽ٻوڏ سبب پوکيل فصل سڙي وڃڻ ڪري مون هنن کي معاف ڪري ڇڏيو ۽مون هارين کي اجازت ڏني هئي ته هاڻ توهان آزاد آهيو مرضي پوي ڪيڏانهن به وڃي مزدوري ڪيو خبر ناهي ته ڇو مون خلاف درخواست ڏني آهي










