عدالتي حڪم باوجود عمران سان ملاقات نه ڪرائڻ تي جواب طلب

عدالتي حڪم باوجود عمران سان ملاقات نه ڪرائڻ تي جواب طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم جي باوجود پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي اجازت نه ڏيڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي جيل اختيارين کان جواب طلب ڪيو آهي.جسٽس ارباب محمد طاهر خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته هن وقت اسان صرف جيل اختيارين کان جواب گهري رهيا آهيون. ڇا اهو اسان جي حڪم جي ڀڃڪڙي هئي؟وڪيل راجا ظهور الحسن چيو ته عدالت ڪوآرڊينيٽر ذريعي ملاقات لاءِ چيو هو. جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته توهان سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 2024 جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، هاڻي 2025 آهي، توهان چاهيو ٿا ته اسان ڪوآرڊينيٽر خلاف ڪارروائي ڪريون، ان کي گرفتار ڪريون، اسان رڪارڊ طلب ڪنداسين، جيڪڏهن ڪا غلط بياني ثابت ٿي ته اسان توهان کي جرمانو ڪنداسين، توهان ڪوآرڊينيٽر ذريعي ملاقات جو مطالبو ڪيو هو، ڇا ان کان پوءِ ملاقات نه ٿي؟وڪيل راجا ظهور الحسن چيو ته اسان گذريل هفتي اڊيالا جيل ويا هئاسين پر ملاقات نه ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جيل اختيارين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو