بئنڪاڪ(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني باڪسر عثمان وزير ويلٽر ويٽ باڪسنگ مقابلي ۾ ڀارتي حريف ايسورن کي شڪست ڏئي ڇڏي. بينڪاڪ ۾ ٿيل ويلٽر ويٽ فائيٽ ۾ عثمان وزير پهرين ئي رائونڊ ۾ ڀارتي باڪسر کي ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. مقابلي جي شروعات عثمان وزير جارحاڻي انداز سان ڪئي ۽ پنهنجي تيز حملن سان حريف کي سنڀرڻ جو ڪو به موقعو نه ڏنو. عثمان وزير جي لڳاتار مُڪن کي ڀارتي باڪسر برداشت نه ڪري سگهيو ۽ پهرين رائونڊ ۾ صرف هڪ منٽ ۽ 41 سيڪنڊز تائين ئي رنگ ۾ بيهي سگهيو، پوءِ ناڪ آئوٽ ٿي ويو. عثمان وزير پنهنجي ڪيريئر جي سترهين انٽرنيشنل فائٽ کٽي ورتي آهي ۽ اڃا تائين ناقابل شڪست رهيو آهي. عثمان وزير جو هي مقابلو پاڪستان جي پهرين اسپورٽس چينل جيو سوپر تي سڌو نشر ڪيو ويو. ٻئي پاسي، عثمان وزير جي فتح تي گلگت لڳ استور ۾ سندس اباڻي ڳوٺ ۾ خوشي جو ماحول آهي، جتي ماڻهن روايتي رقص ڪيو. عثمان وزير جي والد جو چوڻ آهي ته عثمان جي ڪاميابي سڄي قوم جي ڪاميابي آهي.










