ڪراچي (ن سنڌيار) ڪراچي عبدالله غازي ڳوٺ E بلاڪ متاثرن طرفان 28هين ڏينهن به احتجاج تي ويٺل عبدالله غازي ڳوٺ جي E بلاڪ کي بلڊرز مافيا جي چرچ تي ڊاهڻ لاء پوليس .اينٽي انڪروجمينٽ پوليس کي ڪيل دهشتگرد ڪاروائين خلاف هلندڙ احتجاجي ڪئمپ تي متاثرن سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڊآڪٽر الطاف ميمڻ .پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ عبدالمان چانڊيو. ڊاڪٽر روئوف مغيري. محمد رمضان بروهي. محمد عمر پنهور. رفيق گوپانگ.عطا الله سومرو. لا لا منور ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيستائين غازي عبدالله شاه ڳوٺ جي تحفظ جي ضمانت نٿي ڏني وڃي ۽ عورتن مٿان گوليون شيل وسائيندڙ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل نه ٿيندو احتجاج جاري رکيو ويندو اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جوڙيل انڪوائري ڪاميٽيون به اڃا تائين رڳو ٽال موٽول ۾ مصروف آهن گهرو سيڪريٽري متاثرن جا بيان وٺڻ سميت متاثرن هنڌ جو معائنو به ڪري چڪو آهي پر ذميوارن خلاف اڃا ڪنهن به قسم جي ڪاروائي ناهي ٿي معطل روينيو آفيسر به اڃا تائين جعلسازي ڪرڻ ۾ رڌل آهن جن کي طاقتور سسٽم جي سپورٽ حاصل آهي اسين پر امن جدوجهد ذريعي سسٽم مافيا کي مات ڏئي پنهنجو حق حاصل نه ٿيڻ تائين جدوجهد تان پوئتي نه هٽنداسين هر جبر ظلم جو مقابلو ڪرڻ لاء تيار آهيون ڪنهن به صورت ۾ غازي عبدالله شاهه E بلاڪ جي رهواسين کي بي گهر ٿيڻ نه ڏينداسين .










