حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڏاڏا عبدالقادر رانٽو خلاف ضلعي سجاول جي پوليس ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪري ڇڏي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن طرفان ڪوڙي ايف آء آر جي سخت لفظن ۾ مذمت،ڪوڙي ايف آء آر خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان اڄ (25 فيبروري تي) ايس ايس پي سجاول جي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويندو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ ايڊووڪيٽ وسند ٿري عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي مرڪزي صدر ڏاڏا عبدالقادر رانٽو تي ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪرڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سرڪاري وڏيرن جي چرچ تي ڪوڙي ايف آئي آر درج ڪري ملڪي قانون سان مذاق ڪيو ويو آهي. 12 فيبروري تي ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ جي تاريخي ۽ مسلسل پرامن سياسي جدوجھد ڪرڻ تي سنڌ سرڪار وڏيرن، سردارن ۽ ڀوتارن ذريعي انتقامي ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ حڪومت ڀلي ڪهڙا به حربا هلائي پر عوامي تحريڪ جي قيادت ۽ ان جا ڪارڪن سنڌ جي حقن جي حاصلات لاء جدوجهد جاري رکندا. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سڄي سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو آهي. ايس ايس پي سجاول پيپلز پارٽي جي ڪمداري بند ڪري. هنن چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان جي قومي، طبقاتي، جمهوري ۽ قانون جي بالادستيءَ لاءِ ٿيندڙ هر جدوجهد ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سينيئر اڳواڻ، ڏاڏا عبدالقادر رانٽو چئن ڪتابن جو ليکڪ ۽ عوامي شاعر آهي. ايم آر ڊي جي تحريڪ، صحافت جي آزادي، عدليا بحالي تحريڪ، ڪالا باغ ڊيم خلاف ۽ ٻين تحريڪن ۾ ڏاڏا قادر سرگرم اڳواڻ رهيو. اهڙي اڳواڻ کي پيپلز پارٽي ڪوڙن ڪيسن ذريعي حراسان ڪري رهي آهي. اسين کين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ضيائي مارشل لا توڙي مشرفي مارشل لا ۾ به جيل ۽ ٿاڻا ڏٺا، گرفتاريون ڏنيون پر جدوجهد کان پٺٽي نه هٽيا ۽ هاڻي وري زرداري مارشل لا ۾ به جدوجهد جاري رهندي، گرفتارين کان عوامي تحريڪ نه اڳ ڊني آهي ۽ نه ئي هاڻي ڊڄندي. ٻي پاسي سنڌ جي شاعرن، اديبن، دانشورن، صحافين ۽ ليکڪن پڻ سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جامي چانڊيو چيو آهي ته “ڏاڏا قادر رانٽو سنڌ جو هڪ آدرشي ۽ باڪردار سياسي ڪارڪن/اڳواڻ، شاعر ۽ ترقي پسند ليکڪ آهي. مٿس ڪوڙي ايف آءِ آر جي سخت مذمت ڪجي ٿي.” ايڊووڪيٽ ادريس لغاري چيو آهي ته” عوامي تحريڪ جي سينيئر ۽ مرڪزي اڳواڻ ڏاڏا قادر رانٽو تي داخل ٿيل ڪوڙي ايف آ آر جي سخت مذمت ڪجي ٿي.”










