اسلام آباد(اسپورٽس نيوز)پاڪستاني حلقن ۾ ’پاٿ فائنڊرز‘ جي نالي سان مشهور پهلوان عبدالجوشي دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايورسٽ تي سر ڪئي.عبدالجوشي جي ٽيم ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته 38 سالن جي جبل چاڙهو سومر جي صبح 8 هزار 849 ميٽرن جي بلند ترين چوٽي کي ڪاميابي سان سر ڪيو.عبدالجوشي اٺون پاڪستاني آهي جنهن مائونٽ ايورسٽ سر ڪئي، 8 هزار ميٽرن کان مٿي 14 دنيا جي چوٽين مان ٻيو آهي، هن ان کان اڳ اناپورنا به سر ڪري چڪو آهي.
