عبدالباري پتافي جو انڪم سپورٽ آفيس جو دورو، عورتن جا شڪايتن جا انبار

عبدالباري پتافي جو انڪم سپورٽ آفيس جو دورو، عورتن جا شڪايتن جا انبار

نوشهروفيروز(ن سنڌيار)لائيو اسٽاڪ جي صوبائي وزير عبدالباري پتافي اڄ نوشھروفيروز ۾ بينظير انڪم سپورٽ آفيس جو دورو ڪيو ۽ اتي موجود عورتن جا مسئلا معلوم ڪيا. هن سينٽر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ بجلي بند ٿيڻ جي صورت ۾ جنريٽر بند هجڻ جي شڪايتن تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو. هن سينٽر جي انچارج کي حڪم ڏنو ته فوري طور تي جنريٽر ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جو بندوبست ڪيو وڃي. هن ان موقعي تي موجود عورتن کي چيو ته هو سينٽر تي اچڻ کان اڳ پنھنجي موبائيل تي تصديقي ايس ايم ايس چيڪ ڪن ۽ پوءِ سينٽر تي اچن ته جيئن کين ڪنھن به قسم جي تڪليف ۽ رش جو منھن نه ڏيڻو پوي ان موقعي تي ايمرجنسي ضلعي نوشھروفيروزمولا بخش مبيجو ۽ ڊپٽي ڪمشنر محمد تاشفين عالم موجود هئا. پڻ موجود. ان کان اڳ صوبائي وزير بحريا فائونڊيشن ڪاليج ۾ برسات متاثرن لاءِ قائم ڪيل رليف سينٽر جو دورو ڪيو ۽ اتي موجود ماڻھن جا مسئلا معلوم ڪيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو