اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ايندڙ عام چونڊن کان اڳ چونڊ قانونن ۽ آئين ۾ تبديلين جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن پنهنجي ليگل ريفارمز ڪميٽي کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. ليگل ريفارمز ڪميٽي ۾ اليڪشن ڪميشن جي اعليٰ اختيارين سميت سمورن ونگز جا عملدار شريڪ آهن. هيءَ ڪميٽي موجوده چونڊ قانون ۽ آئيني شقن جو جائزو وٺندي.ذريعن موجب، ڪميٽي عام چونڊن 2024ع ۾ سامهون ايندڙ قانوني ۽ آئيني خامين جو جائزو وٺي پنهنجيون سفارشون پيش ڪندي. اليڪشن ڪميشن چونڊ قانونن کي اثرائتو ۽ جديد بڻائڻ لاءِ قانوني فريم ورڪ جو جائزو وٺندي. اليڪشن ڪميشن آئين، اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۽ اليڪشن رولز 2017ع ۾ ضروري ترميمن جون تجويزون تيار ڪندي. ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن چونڊ قانونن ۾ خامين جي نشاندهي ڪري لاڳاپيل فورمز کي سفارشون موڪليندي. اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۽ اليڪشن رولز 2017ع جو جائزو هلندڙ سال ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن نئين قانون سازي تي ٽن مهينن اندر پنهنجي راءِ ڏيندي.










