ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جو ايم اين اي ۽ اينڪر ڊاڪٽر عامر لياقت پر اسرار نموني فوت ٿي ويو آهي. پي ٽي آءِ جي ايم پي اي جمال صديقي موجب عامر لياقت جي ملازم کيس ٻڌايو ته هو فوت ٿي ويو آهي. ڪمري ۾ جنريٽر جو دونهون ڀرجي ويو، جيڪو اڃا به موجود آهي. رينجرز ۽ پوليس مزار قائد لڳ بيگيد ٿاڻي جي حد ۾ واقع سندس گهر پهچي ويا آهن.










