لودهران: (ويب ڊيسڪ) مشهور ٽي وي ميزبان ڊاڪٽر عامر لياقت مرحوم جي بيوه دانيه شاهه ٻئي شادي ڪري ورتي آهي.ٻئي شادي جي تصديق بابت دانيه شاهه جو وڊيو بيان به سامهون اچي ويو آهي جنهن ۾ ان جو چوڻ آهي ته مان ڪجهه مهينا اڳ شهزاد سان ٻئي شادي ڪري ورتي آهي.وڊيو بيان ۾ دانيه شاهه چيو ته منهنجي زندگي ۾ ڪافي مسئلا هلي رهيا هئا جنهن جي ڪري مون کي هڪ اهڙي مرد جي ضرورت هئي جيڪو هر جڳهه تي منهنجو ساٿ ڏئي سگهي ان دوران مون کي شهزاد نڪاح جو پروپوزل اماڻيو، مون ڪافي سوچڻ کان پوءِ شادي جو فيصلو ڪيو آهي.سامهون ايندڙ هڪ ٻئي وڊيو ۾ دانيه شاهه کي پنهنجي مڙس سان گڏ روڊ تي بيٺل دوستن سان ملرائيندي به ڏسي سگهجي ٿو.وڊيو ۾ دانيه شاهه جو مڙس شهزاد چئي رهيو آهي ته هي وڊيو انهن لاءِ آهي جنهن کي منهنجو دانيه شاهه سان نڪاح مذاق لڳندو آهي منهنجي دانيه شاهه سان شادي 2-4 مهينا اڳ ٿي چڪي آهي.










