عالمي ثقافتي ميلي جي 20هين ڏينهن تي ٿيٽر ”چتورائي“ پيش ڪيو ويو

عالمي ثقافتي ميلي جي 20هين ڏينهن تي ٿيٽر ”چتورائي“ پيش ڪيو ويو

ڪراچي (پ ر ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي پاران منعقد ڪيل 38 ڏينهن وارو ”ورلڊ ڪلچرل فيسٽيول ڪراچي“ شاندار ماحول سان جاري آهي، ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جي 20هين ڏينهن ٿيٽر ”چتورائي“ آڊيٽوريم I ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن جو ليکڪ ۽ هدايتڪار . ڊرامي ۾ شاهه نواز ڀٽي به موجود هو جڏهن ته ڪاسٽ ۾ سرفراز علي، ارشد شيخ، ڪائنات محمد، صفيه، ڪومل حيات ۽ اقراءَ شامل هئا، ڊرامي کي ڏسڻ لاءِ مداحن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ فنڪارن جي شاندار پرفارمنس کي خوب ساراهيو. ڪهاڻي، ڊرامي ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪير حڪمت ۽ هوشياري جي جنگ کٽي ٿو؟ اها ٻن عورتن جي ڪهاڻي هئي، هڪ پنهنجي ڏاهپ ۽ ٻي پنهنجي چالبازيءَ سان. ياد رهي ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ جاري ”ورلڊ ڪلچرل فيسٽيول ڪراچي“ 2 نومبر تائين جاري رهندو، جنهن جون ٽڪيٽون آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۽ ٽڪيٽ والا.com تان حاصل ڪري سگهجن ٿيون، آرٽس ڪائونسل جا ميمبر آساني سان آرٽس ڪائونسل ڪراچي مان ٽڪيٽون خريد ڪري سگهن ٿا. ڪائونسل 50 سيڪڙو رعايت حاصل ڪري سگھي ٿي

پهنجو تبصرو موڪليو