عالمي برادري ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا خلاف نوٽيس وٺي: صدر عارف علوي

عالمي برادري ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا خلاف نوٽيس وٺي: صدر عارف علوي

اسلام آباد(بيورو)صدر عارف علوي بي جي پي اڳواڻ پاران نبي ڪريم صه جي شان ۾ گستاخي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پاڪستان جي صدر هڪ بيان ۾ چيو ته رڳو پارٽي عهديدارن کي معطل ڪرڻ ۽ برطرف ڪرڻ ڪافي ناهي. صدر عارف علوي عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جو سخت نوٽيس وٺن.هن چيو ته توهين آميز ۽ تڪراري بيانن سان سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبات مجروح ٿيا آهن. مودي جي نفرت واري هندوتوا فلسفي تحت، هندستان پنهنجي سڀني اقليتن جي مذهبي آزادين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو