اسلام آباد (بيورو)وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف جو چوڻ آهي ته عالمي اڳواڻن يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي. شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪمن جي جائزي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم لنڊن مان وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.ملاقات دوران اين ايف آر سي سي جي عملدارن وزيراعظم کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بحالي جي ڪمن بابت بريفنگ ڏني.ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت اهم اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون، پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي بابت عالمي اڳواڻن کي آگاهه ڪيو.هن چيو ته عالمي اڳواڻن کي حڪومت جي امدادي ڪاررواين ۽ بحالي جي ڪوششن کان به آگاهه ڪيو ويو ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ٽيليفون تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.شهباز شريف جو چوڻ آهي ته عالمي اڳواڻن پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، هن يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان جي پوري خلوص سان مدد ڪئي ويندي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل يقين ڏياريو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڊونرز ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي، بل گيٽس سان ملاقات ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٻارن جي خوراڪ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن اهو به چيو ته عالمي برادري ۽ پاڪستاني ادارن جي ڪوششن سان انشاءَ الله ان مسئلي مان ٻاهر نڪرنداسين.










