عاصم سليم باجوا الزام رد ڪندي وضاحت جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) اطلاعات بابت وزيراعظم جي مشير ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوا چئن صفحن تي ٻڌل وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو ته مٿس ملڪيت لڪائڻ وارا الزام بي بنياد آهن، ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته صحافي احمد نوراني سندس خلاف ويب سائيٽ تي ڪوڙي خبر لڳائي، جنهن ۾ خاص مددگار جي حيثيت ۾ اثاثا ظاهر نه ڪرڻ وارو الزام لڳايو ويو.

عاصم سليم باجوا چيو ته 22 جون 2020ع تي اثاثا ڊڪليئر ڪيا، ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش بي نقاب ٿي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته 18ورهين جي حصيداري ۾ گهرواري جو حصو 19492 ڊالر هو. وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته پٽ تي ڪمپني ٺاهڻ جا ڪوڙا الزام لڳايا ويا، پٽ جي سي اون بلڊرز اينڊ اسٽيٽ ڪمپني غيرفعال آهي. عاصم سليم باجوا چيو ته پٽ جي ايڊوانس مارڪيٽنگ ڪمپني پڻ ڪم نه پئي ڪري، هماليه لميٽيڊ ڪمپني پڻ ننڍي آهي، جنهن پڻ گهٽ ڪمائي ڪئي. هن چيو ته بلوچستان ۾ مقرري دوران ڪرپٽن نالي ڪمپني جو الزام لڳايو ويو، جيڪا 2019ع ۾ ايف بي آر ۾ رجسٽرد آهي، اڪائونٽ کولڻ ۽ ليز بابت الزام بي بنياد آهن. عاصم باجوا چيو ته ٽنهي پٽن جي عمر 18 ورهين کان وڌيڪ آهي، جن آمريڪا مان تعليم حاصل ڪئي، سڀئي سندس سنڀال هيٺ نه آهن. سي پيڪ بابت چيئرمين چيو ته آمريڪا ۾ ننڍو گهر آهي جيڪو 31 هزار پائونڊ ۾ ورتو هو، ٻيو گهر جيڪو خريد ڪيو ان تي 80 سيڪڙو قرض آهي، جيڪو ٻارن پنهنجي آمدني مان ورتو، حصي بابت آمريڪا جي آفيشل رڪارڊ مان تصديق ڪري سگهجي ٿي. عاصم سليم باجوا چيو ته هڪ ڀيرو به اسٽيٽ بئنڪ جي قائدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، عزت ۽ وقار سان ملڪ جي خدمت ڪئي ۽ اڳتي به ڪندو رهندس.هن چيو ته منهنجي گهرواري جي 19هزار ڊالي سيڙپ هئي جيڪا هن پهرين جون 2020 تي سڄي سيڙپڪاري ڪڍي ڇڏي هئي. ان بابت آمريڪا ۾ رڪارڊ موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو