ظالم پيءَ هٿان اڇلايل معصوم ٻار جو لاش هٿ

ظالم پيءَ هٿان اڇلايل معصوم ٻار جو لاش هٿ

ڪنب (صفدرچانڊيو) 8 ڏينهن اڳ علي بحرواھ ۾ ظالم پيءَ پاران اڇلايل 2 سالا معصوم  ٻارڙو ضامن علي سولنگي کي ڳوٺاڻن ڳولهي لڌو. واضح رهي ته ڳوٺ عارب سولنگي ۾ بي رحم ظالم پءَ وزيرعلي سولنگي هيروئن نه ملڻ سبب ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي معصوم ٻارڙي ضامن علي کي علي بحرواھ ۾ اڇلائي ڇڏيو هو جنهن جي مسلسل ڳولا جاري هئي ته اڄ 8 ڏينهن بعد معصوم نينگر جو لاش ڳوٺاڻن پنهنجي مدد تحت پاڻ ڳوٺ ولي محمد ڀٽي ڀرسان علي بحرواھ مان هٿ ڪري ورتو. جڏھن ته ڳوٺاڻن پاران پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو ۽ لاش کڻائي تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي نيو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو