ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سيٽلائيٽ ذريعي موسميات جي مانٽرنگ واري ويب سائيٽ زوم ارت داٽ ڪام موجب بپرجائي طوفان ختم ٿي ويو آهي، طوفان جي باقيات سنڌ ۾ 150 ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪندي. طوفان کي رڻ ڪڇ جي زميني پاڻياٺ ۽ خشڪ علائقي جھڪو ڪيو آھي. سامونڊي طوفان بپرجائي سنڌ جي تعلقي ڏيپلي وٽ رڻ ڪڇ ۾ پاڪستان جي سرحد تي ٽڪرائجڻ بعد صبح 11 وڳي ختم ٿي ويو آهي پر ان جي باقيات جنهن کي Low Pressure Area ڪوٺيو وڃي پيو، اها سنڌ جي ڏيپلي، اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر تعلقن مٿان اڃا 150 ڪلوميٽرن جو سفر طئي ڪندي، جنهن سبب ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين برسات جاري رهندي. اهڙي صورتحال بعد مختلف علائقن مان لڏي ويل ماڻهون پنهنجي اباڻن ڪکن ڏانهن موٽي رهيا آهن. طوفان جي باقيات ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺن کاروڙو ۽ بارڊر جي آخري ڳوٺ روھيڙو کان ھندستان جي سرحد ۾ لڳ ڀڳ رات جو 12 کانپوءِ داخل ٿي ويندي. ان طوفان جي شدت جيڪا شروعات ۾ 110 ڪلوميٽر ھئي، سنڌ ۾ داخل ٿيڻ مھل گھٽ ٿي 95 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رھجي ويئي آھي جيڪا ايندڙ 12 ڪلاڪن ۾ اڃا گھٽ ٿي 75 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رھجي ويندي. ان ھوائن جي رفتار گھٽ ٿيڻ جو سبب رڻ ڪڇ جو زميني پاڻياٺ ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۽ گجرات صوبي جو خشڪ زميني علائقو آھي. ھوائن جي شدت ۾ گھٽتائي جو مقصد اھو ناھي تہ ڪو خطرو مڪمل ٽري ويو آھي. ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين لڳندڙ ھوائن ۽ پوندڙ بارش جي نتيجي ۾ ڏيپلو، اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر تعلقا تيز هوائن سان گڏ بارش جي لپيٽ ۾ رهندا، جنھن سان ڪَچن اجھن، ڀونگين، ڪمزور وڻن کي نقصان ٿي سگھي ٿو ۽ بارشن سبب ھيٺائين وارن علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي سگھي ٿو. ننڍن وڏن شھرن ۾ نيڪاس جي سرشتي تي بہ دٻاءُ وڌندو. انهي سان گڏوگڏ ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ميرپورخاص ضلعن ۾ بارش جو سلسلو به ايندڙ 24 ڪلاڪ تائين جاري رهندو. طوفان ختم ٿيڻ بعد ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي لڏ پلاڻ ڪري ويل ماڻهو پنهنجي وٿاڻن ڏانهن موٽڻ لڳا آهن، ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، ڳاڙهو، گهوڙا ٻاري، جاتي ۽ بدين زيرو پوائنٽ جي آس پاس وارن ڳوٺڻ ۾ ڪٿي ڳچ ته ڪٿي ٿورو پاڻي بيٺل آهي، گپ چڪ ۽ ڪيچڙ به جام آهي.










