طالبان پاران آمريڪي هيلي ڪاپٽر تباهه ڪرڻ جي دعويٰ

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ آمريڪي هيليڪاپٽر تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن. آمريڪي فورسز هيليڪاپٽر جي تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته حادثي جي وجهه ڄاڻڻ لاءِ تحقيقات شروع ڪري ڏني آهي ليڪن ابتدائي طور تي اهڙيون ڪي به شاهديون ناهن مليون جنهن کان لڳندو هجي ته هيلي ڪاپٽر کي دشمن تباهه ڪيو آهي. ٻئي طرف افغان طالبان هيلي ڪاپٽر کي تباهه ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪندي ٻڌايو آهي ته هيلي ڪاپٽر کي افغانستان جي صوبي لوگر ۾ تباهه ڪيو ويو آهي. طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ٻڌايو ته آمريڪا جي چنوڪ هيلي ڪاپٽر کي گذريل رات لوگر جي علائقي پنگرام ۾ تباهه ڪيو ويو. افغانستان جي وزارت دفاع طرفان به ان حوالي سان بيان جاري ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته ابتدائي طور اهڙي ڪا به شاهدي ناهي ملي جنهن ۾ خبر پوي ته هيلي ڪاپٽر کي طالبان تباهه ڪيو آهي ۽ نه ئي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ افغان اهلڪار زخمي ٿيو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن افغانستان ٻن غير ملڪي پروفيسرن جي آزادي جي بدلي ۾ 3 طالبان اڳواڻن کي آزاد ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو