طالبان جي ذميواري آهي ته افغان سرزمين ٻين خلاف استعمال  نه ٿي

طالبان جي ذميواري آهي ته افغان سرزمين ٻين خلاف استعمال نه ٿي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا چيو آهي ته اها افغان طالبان جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي ملڪ کي دهشتگردن جي پناهه گاهه نه بڻجڻ ڏين.پريس بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ هو ته افغان طالبان ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته سندن ملڪ دهشتگرد حملن لاءِ استعمال نه ٿئي ۽ هو پنهنجي سرزمين کي دهشتگردن لاءِ محفوظ پناهگاهون نه بڻجڻ ڏين.ترجمان چيو ته دهشتگردي کي روڪڻ طالبان جي ذميواري آهي، افغانستان کي دهشتگرد حملن لاءِ محفوظ پناهه گاهه طور استعمال ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو