ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اُتر علائقي ۾ فوجي اڏي تي طالبان جي حملي ۾ 7 افغان فوجي مارجي ويا. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي مطابق افغان جي وزارت دفاع ٻڌايو آهي ته دهشتگردن ازبڪستان جي سرحد ويجهو بلخ صوبي جي ضلعي دولت آباد ۾ گڏيل فوجي اڏي تي حملو ڪيو. هن ٻڌايو ته ملٽري بيس فوج ۽ افغانستان جي خفيه انٽيلي جنس ايجنسي نيشنل ڊائريڪٽوريٽ آف سيڪيورٽي طرفان گڏيل طور تي استعمال ڪئي ويندي آهي. وزارت دفاع هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ان حملي جي نتيجي ۾ 7 افغان فوجي مارجي چڪا آهن جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي آهن. بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته حملي ۾ نيشنل ڊائريڪٽوريٽ آف سيڪيورٽي عملي جا 3 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ٻئي طرف افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته ح۾لي ۾ 20 فوجي اهلڪار مارجي چڪا آهن جن ۾ هڪ ڪمانڊر به شامل آهي. ذبيح الله مجاهد سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽڙ تي ٽوئٽ ۾ لکيو آهي ته حملي ۾ 6 سپاهي زخمي ۽ 4 گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ فوجي اڏي تي قبضو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته افغان طالبان قندوز ۾ حملي ۾ آمريڪي اهلڪار جي مارجڻ جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. عهديدار سڃاڻپ ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته فوجين جي موت حملي جي نتيجي ۾ نه ٿي آهي جنهن جي طالبان دعويٰ ڪري رهيو آهي. 5 مئي تي طالبان افغانستان جي صوبي فراه ۾ هڪ فوجي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري 20 اهلڪارن کي ماري 2 ڄڻن کي اغوا ڪيو هو. ان کان اڳ فيبروري ۾ افغانستان ۾ افغان طالبان صوبي قندوز ۾ قائم آرمي بيس تي حملو ڪري 26 سيڪيورٽي اهلڪارن کي قتل ڪيو ويو هو.
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
سينيٽ چونڊن کان اڳ عورتن ۽ اقليتي ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت